پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ حيدر آباد، ٽنڊوڄام، شاهپور چاڪر، مٽياري ۽ سانگهڙ ۾ چونڊ مهم هلائيندو

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ حيدر آباد، ٽنڊوڄام، شاهپور چاڪر، مٽياري ۽ سانگهڙ ۾ چونڊ مهم هلائيندو.

بلاول ڀٽو زرداري حيدر آباد، ٽنڊو ڄام، مٽياري، شاهپور چاڪر ، مٽياري ۽ سانگهڙ ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪارڪنن کي به خطاب ڪندو.

ٽنڊو ڄام ۾ راول شرجيل هائوس تي پ پ پاران جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري خطاب ڪندو.

 پ پ چيئرمين جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ٽنڊو ڄام ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري جلسن کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ اڄ رات نوابشاهه ۾ قيام ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*