بدين ۾ بجلي جا ٽرانسفامر تبديل نه ٿيا واپارين ۽ شهرين  پاران حيسڪو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

بدين ۾ بجلي جا ٽرانسفامر تبديل نه ٿيا واپارين ۽ شهرين  پاران حيسڪو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن غفور ميمڻ، بابو قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قائد اعظم روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 ڏينهن کان ٽرانسفامر خراب ٿي ويو آهي، حيسڪو آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪوبه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته خراب ٽرانسفارمر تبديل ڪري کين جلد بجلي فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*