نيب، ڪرپشن ۽ اختيار اورانگهڻ جي الزام هيٺ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي جاويد حنيف کي گرفتار ڪري ورتو

نيب، ڪرپشن ۽ اختيار اورانگهڻ جي الزام هيٺ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي جاويد حنيف کي گرفتار ڪري ورتو، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار 940 ملازمن کي غير قانوني ڀرتي ڪري قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان پهچايو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جاويد حنيف جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڪراچي ۾ ڪي پي ٽي جي اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف جي گهر تي ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيب موجب، جوابدار تي 940 ملازم غير قانوني طور ڀرتي ڪرڻ ۽ اختيار اورانگهڻ جو الزام آهي.

نيب جو چوڻ آهي ته ڪي پي ٽي ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن مان اڪثر ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث آهن، جڏهن ته جاويد حنيف قومي ناڻي کي 2 ارب 80 ڪروڙ روپين جو نقصان پهچايو آهي.

هوڏانهن ايم ڪيو ايم پاڪستان، جاويد حنيف جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هنگامي پريس ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*