ڳڙهي خيرو ۾ ڪلچ شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران سڙيل ٻيجارو هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڳڙهي خيرو ۾ ڪلچ شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران سڙيل ٻيجارو هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

آبادگارن پنهل خان، مراد علي، مير جعفر خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دوداپور-رتوديرو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو ته ايس ڊي او هدايت الله شاهه ۽ انجنيئر ملي ڀڳت ڪري بااثرن جي چوڻ تي گذريل 10 ڏينهن کان شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پڇڙي ۾پوکيل سارين جو بيجارو به سڙي ويو آهي ۽ وڌيڪ لکين رپين جي نقصان جو خدشو آهي.

هنن چيف جسٽس ۽ نگران وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته شاخ ۾ پاڻي ڇڏي آبادگارن کي نقصان بچايو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*