سپريم ڪورٽ بدين ۾ پ پ اميدوار ياسمين شاهه کي ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ ڪوڙو هجڻ ڪري نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ بدين ۾ پ پ اميدوار ياسمين شاهه کي ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ ڪوڙو هجڻ ڪري نااهل قرار ڏئي ڇڏيو،  چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته، حيرت آهي جو ڪوڙا سرٽيفڪيٽس هجڻ  باوجود اميدوارن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني  وئي، حد ٿي وئي، هاڻ اهڙن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي .

سپريم ڪورٽ ۾ جعلي ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿي،

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ميٽرڪ ۽ بي اي جي ڊگرين تي نالن ۾ تضاد آهي، ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ ۾ ياسيمن جي والد جو نالو ڪجهه ٻيو لکيل آهي، جنهن تي ڪراچي يونيورسٽي جي وڪيل چيو ته نالن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪهڙو رڪارڊ ڊگري کي درست ثابت ڪندو، حد ٿي وئي آهي، اهڙن ماڻهن کي به چونڊ وڙهڻ جي ڪئين اجازت ڏئي سگهجي ٿي.

سپريم ڪورٽ ياسمين شاهه کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد هو چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندي.

سپريم ڪورٽ چيو ته بي بي ياسمين شاهه جي ناهلي بابت تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ياسمين بي بي خلاف فهميده مرزا درخواست داخل ڪرائي هئي، مٿس جعلي ڊگري رکڻ جو الزام به لڳايو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*