بلوچستان هاءِ ڪورٽ بلوچستان جي پي ٽي آءِ صدر سردار يار محمد رند کي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

بلوچستان هاءِ ڪورٽ بلوچستان جي پي ٽي آءِ صدر سردار يار محمد رند کي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

ريٽرننگ آفيسر تحريڪ انصاف جي بلوچستان جي صدر سردار يار محمد رند جي جعلي ڊگري ۽ قتل  ڪيس جي الزامن ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي کيس نااهل قرار ڏنو هو، جنهن بعد هن اپيلٽ ٽربيونل ۾ اپيل ڪئي، جنهن تي آر او جو فيصلو برقرار رکيو ويو.

تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر سردار يار محمد رند اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس نذير لانگو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سردار يار محمد رند جي اپيل تي گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي  اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ پي ٽي جي صوبائي صدر کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

ٻي طرف سردار يار محمد رند هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*