سنڌ هاءِ ڪورٽ، بينظير هائوسنگ سيل ۾ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، بينظير هائوسنگ سيل ۾ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بينظير هائوسنگ سيل پراجيڪٽ ۾ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جوابدار چوڌري محمد اشرف حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جنهن جي نيب پراسيڪيوٽر پاران مخالفت ڪئي وئي.

نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جوابدار چوڌري محمد اشرف خانگي اين جي اوز جو جنرل سيڪريٽري آهي، هن جعلسازي ذريعي 15 ڪروڙ کان رقم هڙپ ڪئي.

نيب پراسيڪيوٽر جوابدار جي ضمانت جي مخالفت ڪندي چيو ته، 32 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن، ڪيس جي وڌيڪ تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت نيب پراسيڪيوٽر  کي ڪيس جي تياري لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*