تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي بيماري ڪرپشن ۽ وڏو چئلينج نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ آهي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي بيماري ڪرپشن ۽ وڏو چئلينج نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ آهي، تحريڪ انصاف اي ون گورننس آڻڻ چاهي ٿي، هر کاتي ۾ ڪرپشن کي اي ون گورننس ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو.

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ پاليسي جي تقريب دوران عمران خان پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چيلنج آهي.

هن چيو ته اسان آءِ ٽي ايڪسپورٽ ڪري سگهيون ٿا، جيئن ڀارت سافٽ ويئر ايڪسپورٽ ڪندو  آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان آءِ ٽي ذريعي روزگار جا موقعا فراهم ڪنداسين.

هن چيو ته شوڪت خانم ۾ پيپر سسٽم ختم ڪيو ۽ اي گورننس شروع ڪئي ته شفافيت اچي وئي.

عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ سمورن کاتن ۾ اي گورننس جو نظام آڻي ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ چاهي ٿي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*