پنجاب ۾ ٽن ڏينهن دوران برسات تباهي مچائي ڇڏي

پنجاب ۾ ٽن ڏينهن دوران برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي علائقا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، برسات سبب مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي، موسميات کاتي چيو آهي ته برسات جو سلسلو جمعي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، برسات جو نئون سلسلو اگسٽ کان شروع ٿيندو.

لاهور، فيصل آباد ۽ حافظ آباد سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري  آهي، جنهن سبب ڪيترائي علائقا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن،

فيصل آباد ۾ رام ديوالي واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فيصل آباد  جي هڪ ٻئي علائقي سمال انڊسٽريز اسٽيٽ ۾ گهر جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

ڪبير والا جي عبدالحڪيم واري علائقي ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 سالن جو عاقب ۽ 85 ورهين جي وڪيزه بي بي فوت ٿي ويون.

ساهيوال جي هڙپا اسٽيشن جناح ٽائون ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

ساهيوال ۾ باءِ پاس وٽ ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

مريدڪي ۾ به برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 12 ورهين جو قاسم علي ۽ 45 ورهين جي فرزانا بي بي زخمي ٿي پيا،

وهاڙي ۾ به برسات سبب سيوريج نظام بري طرح مفلوج ٿي ويو، جڏهن ته مڪاني کاتي جو عملو سيوريج جو پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.

منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا، حافظ آباد، عارف والا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي،

ريسڪيو ذريعن موجب، لاهور ۾ 10  ڪلاڪن دوران 280 ملي ميٽر برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

ريسڪيو ترجمان چيو آهي ته لاهور ۾ برسات دوران 70 حادثا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 80 ڄڻا زخمي  ٿي پيا، جڏهن ته باهه لڳڻ جا 47 واقعا پيش آيا

موسميات کاتي موجب، برساتن جو سلسلو جمعي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، برسات جو پهريون سلسلو 15 آگسٽ تائين جاري رهندو.

موسميات کاتي موجب،  پنجاب، خيبرپختونخواهه  ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته برسات جو ٻيو سلسلو کان شروع ٿيندو، جيڪو سيپٽمبر تائين جاري رهندو.

موسميات کاتي موجب، پنجاب ۾ سانوڻي جي برسات وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*