تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڄ ڪراچي جي ين اي 243 جي مختلف علائقن جو دورو ڪري ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندو
تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڄ ڪراچي جي ين اي 243 جي مختلف علائقن جو دورو ڪري ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندو.
عمران خان اين اي 243 جي مختلف علائقن گلشن اقبال، بلديه ٽائون، بنارس ۽ ملير جو دورو ڪري ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان چونڊ مهم دوران تحريڪ انصاف هائوسنگ اسڪيم سميت مختلف اسڪيمن جو اعلان پڻ ڪندو.