سپريم ڪورٽ ڊي جي ايف آءِ  اي بشير ميمڻ کي نه هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڊي جي ايف آءِ  اي بشير ميمڻ کي نه هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊي جي ايف آءِ اي جي بدليءَ جون خبرون اچي رهيون آهن، اصغر خان ڪيس جاچ تائين ڊي جي ايف آءِ کي نه هٽايو وڃي، عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي ته سخت نوٽس وٺنداسين. اٽارني جنرل اسان اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ انساني اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي جي تبديلي جي خبرن جو نوٽيس وٺندي چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ بشير ميمڻ کي نه هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ڊي جي ايف آءِ اي رهندو، ڪالهه کان ميڊيا تي ڊي جي ايف آءِ اي جي بدلي جون خبرون هلي رهيون آهن.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اليڪشن ڪميشن کي عدالتي حڪم کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ڊي جي ايف آءِ اي کي تبديل نه ڪيو ويندو.

چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪم جي  ڀڃڪڙي ٿي ته سخت نوٽيس وٺنداسين.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڊي جي ايف آءِ اي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته محسن وڙائچ لنڊن ڪيئن هليو ويو، اين آءِ سي ايل ڪيس ۾ محسن وڙائچ جو نالو اي سي ايل ۾ هو.

چيف جسٽس چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اوهان ادرا جا سربراهه آهيو، مون کي پنهنجن ذريعن وٽان خبر ملي آهي.

ڊي جي ايف آءِ اي  چيو ته منهنجي خيال ۾ محسن ورائچ پاڪستان مان ناهي ويو،

چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪم بعد محسن وڙائچ لنڊن پهتو آهي، ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ چيو ته محسن وڙائچ جي روانگي جا تفصيل اڄ ئي گڏ ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*