لاهور جي احتساب عدالت آشيانا اسڪينڊل ڪيس ۾ جوابدار احد چيما ۽ شاهد شفيق جي جڊيشل رمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪندي جوابدارن کي 13 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

لاهور جي احتساب عدالت آشيانا اسڪينڊل ڪيس ۾ جوابدار احد چيما ۽ شاهد شفيق جي جڊيشل رمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪندي جوابدارن کي 13 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي احد چيما سميت 6 جوابدارن خلاف آشيانا اقبال اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما ۽ شاهد شفيق کي پيش ڪيو ويو.

نيب عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آشينا اقبال ۾ 61 هزر شهرين درخواستون جمع ڪرايون، هن اسڪينڊل ۾ احد چيما ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ ملڪي ناني کي وڏي پئماني تي نقصان پهچايو.

نيب چيو ته احد چيما اسڪينڊل بابت نيب ريفرنس ٽن هزارن کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل آهي.

احتساب عدالت جوابدارن جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪندي 13 جولاءِ تائين کين ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*