ڌاٻيجي ويجهو 2 ڏينهن اڳ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڌاٻيجي ويجهو 2 ڏينهن اڳ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شوڪت نهڙيو، مسمات مهناز نهڙيو کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

2 ڏينهن اڳ ڌاٻيجي ۾ جوابدار شوڪت نهڙيو پنهنجي زال مهناز نهڙيو کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو هو.

ڌاٻيجي پوليس پاران جوابدار شوڪت نهڙيو کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو، جنهن صحافين سامهون به زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.

جوابدار چيو ته هن پنهنجي زال مهناز کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو، جنهن تي کيس ڪنهن به قسم جو پڇتاءُ ناهي.

پوليس موجب جوابدار کي گذريل رات جاتي شهر ۾ ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*