انگلينڊ جي شهر مانچسٽر ۾ کيڏي ويل پهرين ٽي-ٽوئنٽِي ميچ ۾ڀارتي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد انگلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

انگلينڊ جي شهر مانچسٽر ۾ کيڏي ويل پهرين ٽي-ٽوئنٽِي ميچ ۾ڀارتي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد انگلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

انگلينڊ جي شهر مانچسٽر ۾ کيڏي ويل پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورس ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 159رنز اسڪور ڪيو،جنهن جوز بٽلر 69۽جسن روِ 30رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا،جڏهن ته ولي 29رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو.

   ڀارتي ٽيم پاران ڪلديپ ياديوِ چار اوورس ۾ 24رنز عيوض پنج وڪيٽون حاصل ڪيو.

ڀارتي ٽيم انگلينڊ پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 160رنز جو ٽارگيٽ 18ڏهائي 2اوورس ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي.

ڀارتي ٽيم جي ڪاميابي ۾ روهٿ شرما 101۽ويرات ڪوهلي 20رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*