لنڊن ۾ جاري ومبلڊن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ روسي اسٽار ٽينس رانديگرياڻي ماريا شيراپووا، پيٽرا ويتووا ۽ڊومنيڪ ٿيم شڪست بعد ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا

لنڊن ۾ جاري ومبلڊن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ روسي اسٽار ٽينس رانديگرياڻي ماريا شيراپووا، پيٽرا ويتووا ۽ڊومنيڪ ٿيم شڪست بعد ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا.

لنڊن ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي سلسلي جي هڪ ميچ ۾ روسي ٽينس رانديگرياڻي ماريا شيراپووا کي سندس هم وطن وٽاليا ڊياٽچينڪو ست-ڇهه۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

ميگا ايونٽ جي هڪ ٻي ميچ ۾ ٻه ڀيراجي چيمپيئن پيٽرا ويتووا کي بيلاروس جي الياڪسينڊرا هٿان ڇهه-چار۽ڇهه-ٻڙي تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتو.

مردن جي ايونٽ جي هڪ ميچ ۾ ڊومنيڪ ٿيم کي سائيپرس جي مارڪوس بگاڊيٽس هٿان ڇهه-چار۽ست-پنج تان شڪست ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*