روس جي شهر سٽ پيٽرسبرگ ۾کيڏي ويل فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي جي هڪ اهم ميچ ۾ سويڊن جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد سويٽزرلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

روس جي شهر سٽ پيٽرسبرگ ۾کيڏي ويل فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي جي هڪ اهم ميچ ۾ سويڊن جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد سويٽزرلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

روس جي شهر سٽ پيٽرسبرگ ۾ کيڏي ويل ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن هڪ ٻئي جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري گول اسڪور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، پر ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي.

ميچ جي ٻئي هاف جي 66هين منٽ ۾ سويڊن جي فورسبرگ گول اسڪور ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*