فٽبال ورلڊڪپ 2018جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ انگلينڊ جي ٽيم ڪولمبيا جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

فٽبال ورلڊڪپ 2018جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ انگلينڊ جي ٽيم ڪولمبيا جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

روس جي شهر ماسڪو ۾ کيڏي ويل ناڪ آئوٽ مرحلي جي اهم ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي هڪ ٻئي جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪيا.

مقرره وقت اندڙ ٻنهي ٽيمن هڪ-هڪ گول اسڪور ڪيو.

پهرين هاف ۾ ڪنهن به ٽيم گول اسڪور نه ڪيو ۽ ميچ جي 57هين منٽ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان هيري ڪين پينالٽي ڪڪ تي گول ڪري ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري ورتي، جنهن کي ڪولمبيا جي يري مينا ميچ جي آخري منٽن ۾ گول ڪري برابر ڪيو.

مقرره 90منٽ ۾ميچ هڪ-هڪ گول سان برابر رهي، جنهن بعد 30 منٽ اضافي وقت ٽيمن کي ڏنو ويو، جنهن ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي.

ميچ جي نتيجي لاءِ ٻنهي ٽيمن کي شوٽ آئوٽ جو موقعو فراهم ڪيو ويو،جنهن ۾ انگلينڊ ڪولمبيا کي ٽن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي ڪوارٽرفائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*