روس جي مختلف شهرن ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جو پري ڪوارٽر فائنل مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ڪوارٽر فائنلز ڇهه تاريخ کان شروع ٿيندو

روس جي مختلف شهرن ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جو پري ڪوارٽر فائنل مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ڪوارٽر فائنلز ڇهه تاريخ کان شروع ٿيندو.

روس جي مختلف شهرن ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ يوراگوئي ۽ فرانس جون ٽيمون  نووگروڊ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ فتح حاصل ڪرڻ لآءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن سخت ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي آهي.

ميگا ايونٽ جي ٻي ڪوارٽر فائنل ۾ برازيل جي ٽيم بيلجيم ٽِيم سان ڪازان ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون.

پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد پري ڪوارٽر فائنلز ۾ دلچسپ مقابلا ڏسڻ ۾ آيا ۽ ڪوارٽر فائنلز ۾ پڻ دلچسپ ۽سخت مقابلن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*