پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيم جي سمورن رانديگرن ڪينگروز جي ٽيم هٿان شڪست بعد ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي.

زمبابوي جي شهر هراري ۾ گذريل ڏينهن قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ٽي-ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ٽيم ڪاميابي سان شروعات ڪئي پر آسٽريلوي ٽيم هٿان کين شڪست ملي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪينگروز جي ٽيم هٿان شڪست بعد سمورن رانديگرن ڀرپور محنت ڪئي آهي.

سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته ايونٽ کان پهرين ئي سڀني کي خبر هئي ته زمبابوي جي ڀيٽ ۾ آسٽريلوي ٽيم کين ٽف ٽائيم ڏيندي ۽ ڪينگروز هٿان شڪست بعد سمورن رانديگرن ۾ هڪ نئون جذبو جاڳيو آهي ۽ انهن ٽنهي شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته ايندڙ ميچز ۾ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*