دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ ريسلرز سيزن 2018۾ ريسلنگ مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويا آهن

دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ ريسلرز سيزن 2018۾ ريسلنگ مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايونٽ جو مقصد راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽پر امن پاڪستان ۾ انٽرنيشنل رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

آگسٽ ۾پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ ريسلنگ جامقابلا اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ٿيندا، جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پاڪستان پهچندڙ ريسلرز ايونٽ جي ڪوارڊيشن لاءِ آءِ ايس پي آر هيڊ ڪوارٽر جوم دورو پڻ ڪيو.

گذريل رات اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سمورن انٽرنِيشنل ريسلرز جي مان ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي،جنهن سمورن ريسلرز شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيوته پاڪستان هڪ پر امن ملڪ آهي ۽کين هتي اچي خوشي ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*