سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو صوبائي وزير رئوف صديقي پيش ٿيو.

عدالت نيب کي انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏيندي شريڪ جوابدارن خلاف ڪمينٽس فائل ڪرڻ جو حڪم ڪيو.

نيب چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي پنهنجي وزارت واري دور ۾ 6 ملازمن کي مستقل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*