تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيستائين ڪراچي ترقي نه ڪندو، تيستائين نئون پاڪستان ٺهي نه سگهندو

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيستائين ڪراچي ترقي نه ڪندو، تيستائين نئون پاڪستان ٺهي نه سگهندو، ان ڪري ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ مان بيروزگاري ختم ڪنداسين.

ڪراچي ۾ واپارين، اين اي 243 ۽ اي اي 255 جي چونڊ مهم دوران ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 30 سالن کان وارا وٺندڙن اربين روپين جي ڪرپشن ڪري ملڪي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بجلي لوڊشيڊنگ وڏا مسئلا آهن، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچي پهرين اهي مسئلا حل ڪندي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته ملڪ ۾ سستن گهرن جي تعمير لاءِ هائوسنگ اسڪيم شروع ڪيون وينديون، هر سال 10 لک گهر تعمير ڪري غريبن کي سهولتون فراهم ڪندي.

عمران خان چيو ته اسان 5 سالن ۾ 50 لک ماڻهن کي گهر ڏيڻ جو چئلينج کنيو آهي، ملڪ ۾ معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ هائوسنگ اسڪيمون ضروري آهي.

هن چيو ته لاهور ۾ برسات نون ليگ جي ترقي واري پول کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، شهبازشريف جي ترقي صرف اشتهارن ۾ هوندي آهي.

عمران خان چيو ته حسين ۽ حسن نواز لنڊن ۾ 600 ڪروڙن واري بنگلي ۾ رهي رهيا آهن، عوام قرضن ۾ جڪڙجي ويو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن ڪري ادارا تباهه ڪيا ويا آهن، ڪڏهن ته پي آءِ اي دنيا جي نمبر ون ادارن ۾شامل ٿيندو هو، اڄ ڪرپشن سبب تباهه آهي.

عمران خان چيو ته پنجاب ۾ منهنجي خلاف 30 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪي پي پوليس سڀني لاءِ هڪ مثال آهي.

 عمران خان چيو ته منهنجي جدوجهد رنگ لاتو آهي، ملڪ ۾ تبديلي اچي رهي آهي، عوام تبديلي چاهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*