نوابشاهه ۾ دڪان اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا  آهن، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

نوابشاهه ۾ دڪان اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا  آهن، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

موهڻي بازار ۾دڪان اندر گئس سيلنڊر ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان مالڪ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين ۾ 40 ورهين جو محمد الياس، 12 ورهين جو اهتشام علي، 20 ورهين جو امير علي جمالي،21 ورهين توفيق آرائين، 22 ورهين جو ناصر قريشي ۽ 22 ورهين جو عادل آرائين شامل آهن، جن کي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*