گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال تي فائرنگ ڪندڙ 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو  ڪري ڇڏيو آهي

گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال تي فائرنگ ڪندڙ 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو  ڪري ڇڏيو آهي.

گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ احسن اقبال تي فائرنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال تي فائرنگ ڪندڙ 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو پر جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪارڪري ڇڏيو.

ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد حسين عدالت کي سرڪاري وڪيل مقرر ڪري جي استدعا ڪئي. جنهن کي عدالت منظور ڪندي شازيه همايو ايڊووڪيٽ کي جوابدار عابد حسين جو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*