اين آر او مان فائدو حاصل ڪندڙن خلاف ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان 2 هفتن جي مهلت گهري ورتي آهي

اين آر او مان فائدو حاصل ڪندڙن خلاف ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان 2 هفتن جي مهلت گهري ورتي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اين آر او مان فائدو حاصل ڪندڙن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه چيو ته پرويز مشرف عدالتن جو احترام ڪندو آهي ۽ درخواست جي ڪاپي پرويز مشرف کي موڪلي ڇڏي آهي. جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ٻن هفتن جي مهلت ڏي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته آصف زرداري ۽ ملڪ قيوم جا وڪيل ڪٿي آهن، انهن کي اچڻ ڏيو، ٻه هفتا وڌيڪ ٿي ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*