سپريم ڪورٽ  آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر سامهون روڊ بلاڪ ڪرڻ واري ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ  آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر سامهون روڊ بلاڪ ڪرڻ واري ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، آءِ ايس آءِ کان روڊ کولڻ جي تاريخ  طلب ڪندي چيف جسٽس چيو ته غيرقانوني اڏاوتون ۽ رنڊڪون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪو به ادارو مٿانهون ناهي، آءِ ايس آءِ سربراهه کي گهرايو، عدالتي حڪم باوجود روڊ ڇو نه کوليو ويو.

سپريم ڪورٽ ۾ آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر آڏو بند پيل روڊ کي کولڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته هادايت ۽ پلان کڻي اچو ته ماسٽر پلان جي روڊ کي ڇو بند ڪيو ويو، اهو به ٻڌايو وڃي ته ماسٽر پلان روڊ ڇو بند ڪيو ويو؟

چيف جسٽس چيو ته سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪو به ادارو مٿانهون نه آهي. آءِ ايس آءِ سربراهه کي گهرايو، کانئس پڇون ته عدالتي حڪم باوجود روڊ ڇو نه کوليو ويو؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي روڊ اوهان کي کولڻو آهي، روڊ بند ٿيڻ سان ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو اسان روڊ کولينداسين پر سيڪيورٽي اشوز آهن، روڊ بند آهي پر متبادل روڊ ٺاهي به ڏنو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سي ڊي اي لکت طور روڊ الاٽ ڪري ڏنو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اڏاوتون ختم ڪرڻ جو حڪم 3 مهينا اڳ ڏنو هو، اهو علائقو کوليو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ وٽ سو موٽو جو اختيار نه آهي، جنهن سبب حڪم کي معطل ڪيون ٿا،

سپريم ڪورٽ روڊ کولڻ لاءِ آءِ ايس آءِ کان تاريخ طلب ڪندي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*