ڊکڻ ڀرسان ميرواهه شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

ڊکڻ ڀرسان ميرواهه شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

 مختلف ڳوٺن سان واسطو رکندڙ  آبادگار شڪارپور_لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ رستي تي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

 ڌرڻي کي خطاب ڪندي آبادگار اڳواڻن   در محمد، آغا علي رضا، اوشاق علي چانڊيو  ۽ ٻين آبادگارن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري پوکيل سندن ساريالو ٻيجارو سڙي تباهه ٿي ويو.

 هنن الزام هنيو ته پاڻي فراهمي لاءِ آبپاشي کاتي جو داروغو کانئن رشوت طلب ڪري رهيو آهي ۽ ميرواهه شاخ جو پاڻي چوري به  ڪيو پيو وڃي.

 آبادگارن شاخ تي رينجرس کي مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڻي چوري ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*