اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير جي غير موجودگي سبب 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير جي غير موجودگي سبب 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت  نمبر 2 جج ارشد ملڪ شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي .

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جو شاهد پاناما جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضياءَ ۽ نوازشريف جو وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران خواجا حارث چيو ته جج محمد بشير جي موجود ۾ آڏي پڇا چاهيون ٿا، جنهن تي احتساب عدالت العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي 9 جولاءِ تي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي دوران خواجا حارث واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي هئي، جيڪا اڄ به جاري رهڻي هئي پر ٻڌڻي نه ٿي سگهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*