موهن جو دڙو ويجهو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو

موهن جو دڙو ويجهو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.

 مهراڻي شاخ جي آبادگارن ايئرپورٽ روڊ تي ٽائر ساڙي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. جنهن ڪري روڊ تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل معطل ٿي وئي.

 انهيءَ موقعي تي احتجاج ڪندڙن گل سهڙو، شهزادو مري، ممتاز علي ۽ ٻين آبادگار اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته دادو ڪئنال مان نڪرندڙ  مهراڻي شاخ ۾ پاڻي تمام گهڻو موجود آھي پر مقامي بااثر زميندارن  دروازا بند ڪرائي پنهنجي زمينن ڏانهن پاڻي وهائڻ شروع ڪيو آھي جنهن ڪري پاڻي جي هتي کوٽ ٿي پئي آهي.

 آبادگارن وڌيڪ چيو ته پاڻي نه هئڻ سبب هنن جون زمينون سڪي ويون آھن ۽ هو ساريالو فصل  پوکڻ لاءِ پريشان آهن.

 هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي  ته نوٽيس وٺي  شاخ جو هٿرادو بند ڪيل دروازو کولرائي سندن زمينن کي پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج هاري رهندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*