پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڊيم ٺاهڻ واري معاملي تي چئن ئي صوبن جو اتفاق هئڻ ضروري آهي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڊيم ٺاهڻ واري معاملي تي چئن ئي صوبن جو اتفاق هئڻ ضروري آهي، پاڻي معاملي تي سنڌ سان اڳ ئي نا انصافيون ٿي رهيون آهن، گذريل حڪومت کي بار بار چوندا رهياسين پر معاملو حل نه ڪيو ويو.

نوابشاهه جي زرداري هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جمهوريت کي پسند نه ڪندڙ سنڌ ۾ الائنس جوڙي رهيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته  سنڌ جي عوام هميشه پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙن کي عوام  ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته  پاڻي معاملي تي اڳ ئي وفاق سنڌ سان نا انصافيون ڪري رهيو هو،  ڊيم قومي اتفاق راءِ کانسواءِ نٿا ٺهي سگهن.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان بار بار چوندا رهياسين ته ارسا پاڻي جي ورڇ ۾ نا انصافي ڪري رهيو آهي، پر وفاق ان معاملي تي اسان جي ڳالهه کي اهميت نه ڏني هئي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته  هاڻي اليڪشن جو وقت آيو آهي ته سڀني کي پاڻي وارو معاملو ياد آيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، اسان ان تي ڪم ڪندا رهيا آهيون.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته  ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*