اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 53 تان شاهد خاقان عباسي جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 53 تان شاهد خاقان عباسي جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ايڊووڪيٽ غلام رسول جي اين اي 53 تان شاهد خاقان عباسي خلاف نااهلي واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجا اثاثا لڪايا آهن، استدعا آهي ته کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

عدالت درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ بعد درخواست کي غير موثر قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*