ڪراچي آپريشن ڪنهن به سياسي پارٽي جي خلاف نه پر ڏوهارين جي خلاف آهي، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي آپريشن ڪنهن به سياسي پارٽي جي خلاف نه پر ڏوهارين جي خلاف آهي، ان ۾ سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ انهي آپريشن مان مڪمل نتيجا نڪرڻ تائين هٿ نه ڪڍيا ويندا.

سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ هن دهشتگردي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، شروع ۾ دهشتگردن سان ڳالهين جا ڪجهه دور هلايا ويا، جيڪي بي نتيجا نڪرڻ تي سندن خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون ويوون، جن ۾ ضرب عضب اهم نوعيت جي ڪارروائي هئي، جيڪا ڪامياب ٿي رهي آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي.

هن چيو ته ضرب عضب ۾ اسان جا جوان شهيد ٿيا آهن پر وڏن هدفن جي حصول لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن.

وزير اعظم چيو ته ڪراچي آپريشن جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن پر هو واضح ڪري ٿو ته اهو آپريشن ڪنهن پارٽي خلاف نه پر ڏوهارين خلاف آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۽ پاڪستان کي پرامن بڻائڻ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي ۽ انشاءَ الله ڪراچي جو امن بحال ٿيندو ۽ ملڪ مان بندوق ڪلچر جو مڪمل طور تي خاتمو اچي ويندو.

وزير اعظم چيو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن ۽ هر ماڻهو سندس ايجنڊا جي تعريف ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ڪراچي آپريشن کي مڪمل نتيجا حاصل ڪرڻ تائين اڌ ۾ نه ڇڏيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*