لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 57 تان شاهد خاقان عباسي جي اپيل خلاف ٻڌڻي دوران آر او کي سڀاڻي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 57 تان شاهد خاقان عباسي جي اپيل خلاف ٻڌڻي دوران آر او کي سڀاڻي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عباسي صاحب، ڳالهائڻ بند ڪيو، عدالتن ۾ اچڻو پوندو، اوهان ڪنهن آسٽريليا جي عدالت ۾ پيش نه ٿيندا،

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اين اي 57 تان شاهد خاقان عباسي جي نااهلي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي ٿي. شاهد خاقان  عباسي پيش ٿيو.

وڪيل چيوته شاهد خاقان عباسي جو مري ۾ 8 ايڪڙ تي ٻڌل هوٽل آهي ۽ هن مڪمل اثاثا ظاهر نه ڪيا آهن.

شاهد خاقان عباسي جي وڪيل چيو هت اپيلٽ ٽربيونل ڪنهن کي تاحيات نااهل نٿي ڪري سگهي، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل آر او کي سڀاڻي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج شاهد خاقان عباسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته عباسي صاحب، اسان اوهان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، حڪومت ڪڏهن ڪنهن جي ته ڪڏهن وري ڪجنهن جي هوندي آهي پر عدالتون قانون موجب هلنديون آهن.

عدالت چيو ته جج جج ڪرسي تي ويٺو آهي، ايترو سولو ڪم نه آهي، جيترو نظر اچي رهيو آهي، ڳالهيون ڪرڻ بند ڪيو، اوهان کي انهن ئي عدالتن ۾ اچڻ آهي، اوهان ڪنهن آسٽريليا جي عدالت ۾ پيش نه ٿيندا.

عدالت چيو ته اوهان جي عزت به ايتري ڪندا آهيون، جيتري ڪنهن ٻئي جي ڪندا آهيون، اسان جي ڪا ٻي ايجنڊا نه آهي، اوهان اڳوڻا وزيراعظم آهيو، سسٽم کي بچائڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو.

عدالت چيو ته نوازشريف جي نااهلي تي اوهان چيو ته هو منهنجو وزيراعظم آهي، ڇا اوهان کي اهو چوڻ گهرجي ها. اوهان عدليا خلاف بيان ڏيڻ بند ڪيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 57 تان شاهد خاقان عباسي جي اپيل خلاف ٻڌڻي دوران آر او کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جي پي او چوڪ تي پيل کڏو ٽڪنيڪي مسئلو آهي، اهڙين برساتن ۾ ته پيرس به ٻڏي ويندو آهي. اسان نگران حڪومت کي ذميوار قرار نٿا ڏئي سگهون،

هن چيو ته حقيقتون عدالتن آڏو رکي ڇڏيون آهن، عدالتي فيصلي جو احترام ڪيو، اميد آهي ته انصاف ٿيندو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته ٻين ملڪن ۾ به برسات سبب مسئلا پيش ايندا آهن، شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*