ٿر ۾ ٻارڙن جي فوتگين ۽ اسپتالن ۾ صورتحال بابت سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جاچ ڪميشن کي سهولتن جي اڻهوند برقرار هئڻ بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي

ٿر ۾ ٻارڙن جي فوتگين ۽ اسپتالن ۾ صورتحال بابت سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جاچ ڪميشن کي سهولتن جي اڻهوند برقرار هئڻ بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي.

ٿر ۾ ٻارڙن جي فوتگين ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي تصديق يا ترديد بابت سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جاچ ڪميشن جي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي ثناءُ الله عباسي مٺي سول اسپتال جو دورو ڪيو.

ثناءُ الله عباسي جي دوري دوران اسپتال ۾ داخل مريضن جي وارثن دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي غيرحاضري وارين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

ٿر جي اسپتالن جي صورتحال بابت جوڙيل جاچ ڪميشن جي سربراهه کي مٺي سول اسپتال جي انتظاميا پاران بريفنگ به ڏني وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته گهٽ بجيٽ سبب اسپتال ۾ دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر به اڻپورا آهن.

بريفنگ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاچ ڪميشن سربراهه ايڊيشنل آءِ جي ثناءُ الله عباسي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي هو مٺي پهتو آهي، کيس اسپتال انتظاميا پاران مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*