بالي ووڊ اداڪاره سونالي باندري موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جنهن جو اطلاع هن پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ذريعي ڏنو

بالي ووڊ اداڪاره سونالي باندري موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جنهن جو اطلاع هن پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ذريعي ڏنو.

 سونالي باندري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي بيماري جي حوالي سان مداحن کي آگاهه ڪيو ۽ پرستارن جو ٿورو مڃيو.

 اداڪاره لکيوته کيس حال ۾ ئي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي جيڪو سنگين اسٽيج تي ڦهلجي چڪو آهي، هن ٻڌايو ته جسم ۾ ٿيندڙ تڪليف کان پوءِ چڪاس جي نتيجي ۾ موذي مرض جي سڃاڻپ ٿي، جنهن جي باري ۾ هن ڪڏهن نه سوچيو هو.

سونالي باندري وڌيڪ لکيو ته فوري طور تي مرض جو علاج ڪرائڻ کان سواءِ ڪوئي حل ناهي ۽ ڊاڪٽرن جي هدايت موجب هن وقت هو نيويارڪ ۾ علاج هيٺ آهي.

 هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪينسر جي هن موذي مرض سان جنگ لاءِ هو بلڪل تيارآهي جنهن لاءِ سندس پيارن جي سپورٽ ۽ انهن جي محبت مدد ڪئي آهي ۽ منهنجي همت جي پٺيان منهنجو خاندان ۽ دوست آهن.

 اداڪاره ٻڌايو ته هن مشڪل وقت ۾ هو پنهنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين جي ٿورائتي آهي جن بهترين انداز ۾ سپورٽ ڪيو ۽ سندس خيال ڪيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*