اڳوڻي وفاقي گهرو زوير چوڌري نثار چيو آهي ته، ادارن سان ٽڪراءُ ۾ نه اچڻ واري بيان تي نواز شريف کي ڏُک ٿيو

اڳوڻي وفاقي گهرو زوير چوڌري نثار چيو آهي ته، ادارن سان ٽڪراءُ ۾ نه اچڻ واري بيان تي نواز شريف کي ڏُک ٿيو، مون ڪو غلط بيان نه ڏنو هو، جيپ واري نشان تي رهيل ڪسر لنڊن ۾ پوري ڪئي وئي، پاڪستان کي بند گهٽي ۾ ڌڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ جن کي اسان دوست سمهجي رهيا آهيون، اهي به سازش جو حصو آهن، مريم نواز ڳالهائيندي پهريون ۽ سوچيندي بعد ۾ آهي.

ٽيڪسيلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته مخلوط حڪومت بڻائڻ جي ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي،

هن چيو ته ملڪ ۾ تنقيد ڪرڻ لاءِ هرڪو تيار آهي، پاڪستان ۾ گورننس تمام گهڻي ڏکي آهي، پاڪستان کي ترقي ڏيارڻ به مشڪل ڪم آهي،

اڳوڻي گهر وزير چيو ته نواز شريف کي چيو هو ته ادارن سان ٽڪراءَ ۾ نه اچي.

چوڌري نثار چيو ته  قمراسلام جي گرفتاري جي پهرين مذمت مون ڪئي، جيپ نشان تي رهيل ڪسر لنڊن ۾ پوري ڪئي وئي،

چوڌري نثار چيوته جمعي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو اچڻ ڏيو، جنهن بعد ئي حقيقتون واضح ڪندس، مريم نواز ڳالهائيندي پهرين ۽ سوچيندي پوءِ آهي.

چوڌري نثار چيو ته چيو ته 25جولاءِ تي اليڪشن نتيجو بهتر هوندو، پراميد آهيان……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*