فيصلو خلاف اچي يا حق ۾ اچي، ووٽ بينڪ ن ليگ جو آهي،آصف ڪرماني

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته  فيصلو خلاف اچي يا حق ۾ اچي، ووٽ بينڪ ن ليگ جو آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون ته ڪاميابي ن ليگ کي ئي ملندي. سڀ ڄاڻين ٿا ته نوازشريف جو نالو پاناما ڪيس ۾ نه آهي، نوازشريف ۽ مريم نواز پيشيون ڀوڳي رهيا آهن،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف ڪرماني چيو ته  سڀ ڄاڻين ٿا ته نوازشريف جو نالو پاناما ڪيس ۾ نه آهي،

هن چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز پيشيون ڀوڳي رهيا آهن، ڪيس ۾ ڪجهه نه آهي، نه ڪو ثبوت آهي، ڪيس ۾ لڳ ڀڳ سئو کان وڌيڪ پيشيون ٿيون آهن،

نوازليگ اڳواڻ چيو ته فيصلو خلاف اچي يا حق ۾ اچي، ووٽ بينڪ ن ليگ جو آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون ته ڪاميابي ن ليگ کي ئي ملندي.

آصف ڪرماني چيو ته نوازشريف، شهباز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر اڪثريت سان ڪامياب ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*