پنجاب جي علائقي رحيم يارخان ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻافوت ٿي ويا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پنجاب جي علائقي رحيم يارخان ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻافوت ٿي ويا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فتح پور پنجابيان ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي  ريسڪيو ٽيمون، موٽروي پوليس ۽ پنجاب پوليس موقعي تي پهچي فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو،

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو موٽرسائيڪل سوار کي بچائڻ سبب پيش آيو، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.

موٽروي پوليس موجب، بس جو ملبو هٽائي قومي شاهراهه کي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيوويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*