لاڙڪاڻي ۾ چاچي فائرنگ ڪري پنهنجي ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ چاچي فائرنگ ڪري پنهنجي ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو،گوليون لڳڻ سبب  ڀاڄائي ۽ ڀائٽيءَ زخمي ٿي پئي،لاش ۽ زخمين کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارثن مقتول نوجوان جو لاش  اسپتال ٻاهران رکي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڌرڻو هنيو.

الهه آباد محلي ۾ جوابدار قائم الدين ٿهيم پنهنجي ڀاءُ قربان ٿهيم جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني،جنهن ۾گوليون لڳڻ سبب نوجوان احسان ٿهيم، سندس امڙ قديران ۽ 8 سالن جي ڀائٽي دعا زخمي ٿي پيون،جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو.

زخمين کي چانڊڪا اسپتال پهچايو ويو، جتي نوجوان احسان ٿهيم زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

 هوڏانهن مقتول نوجوان جي وارثن نوجوان جو لاش اسپتال ٻاهران رکي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽرن جي لاپرواهي توڙي غفلت سبب سندن نوجوان فوت ٿيو آهي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتارڪري ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*