پنجاب سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي

پنجاب سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، بهاولپور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جو سلسلو  جمعي تائين جاري رهندو، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

گذريل ٽن ڏينهن کان پنجاب ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات کانپوءِ  گهٽين ۽ روڊن رستن تي پاڻي بيٺل آهي.

بهاولپور جي چڪ نمبر 43 ڊي بي ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته  5 زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي   فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، فوت  ٿيلن ۾ هڪ ٻارڙو به شامل آهي، جڏهن ته فوتين جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي.

موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾  برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ملتان، گوجرانوالا ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ مختلف هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته زوب، ڊي جي خان، ڪوئيٽا ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*