ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو، جڏهن ته جناح روڊ تي ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.

 زخمي اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو.

ڪوئيٽا جي ئي جناح روڊ تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*