دوڙ ۾ گذريل رات کان گم ٿيل معصوم نينگريءَ جو گٽر مان لاش هٿ ڪيو ويو

دوڙ ۾ گذريل رات کان گم ٿيل معصوم نينگريءَ جو گٽر مان لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن نينگري کي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

وارڊ 3 جي رهواسي گم ٿي ويل معصوم ٻارڙيءَ دانيا جو 10 ڪلاڪ ڳولا کانپوءِ گهر ٻاهران گٽر مان سندس لاش هٿ ڪيو ويو.

نينگري جي وارثن موجب ته  گذريل رات جو 8 بجي کان دانيا گهران گم ٿي هئي، اڄ صبح جو لاش هٿ مليو آهي.

 معصوم ٻارڙي جي وارثن پاران شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته نينگريءَ کي قتل ڪري لاش گهر جي ٻاهران گٽر ۾ ڦٽي ڪيو ويو.

 نينگري جي والد علي محمد آرائين ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*