تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڄ کان خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ مهم شروع ڪري رهيو آهي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڄ کان خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ مهم شروع ڪري رهيو آهي، چارسده ۾ اڄ شام  جلسو ٿيندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،  عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.

ملڪ ۾ چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران سياسي سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن، تحريڪ انصاف به اڄ چارسده ۾ پاور شو ڪري رهي آهي،

تحريڪ انصاف چارسده ۾ ٿيندڙ جلسي لاءِ پنڊال سجائي ورتو آهي، جنهن لاءِ انتظامن کي به حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

تحريڪ انصاف جي قيادت لاءِ 80 فوٽ ويڪرو ۽ 20 ڊگهو اسٽيج به تيار ڪيو ويو آهي.

پنڊال ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون به لڳايون ويون آهن، جڏهن ته جلسي گاهه کي پارٽي جهنڊن ۽ بينرز سان سجايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*