باقراڻي ۾دادو ڪينال مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

باقراڻي ۾دادو ڪينال مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

آبادگارن ممتاز تنيو، صديق جتوئي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾لاڙڪاڻو-خيرپور روڊ تي57 ريگيوليٽر جي پل وٽ احتجاجي  مظاھرو  ڪري ڌرڻو ھنيو.

ان موقعي تي احتجاج  ڪندڙ آبادگارن چيو ته دادو ڪينال ۽ ان مان نڪرندڙ  جتوئي  شاخ،گلسي شاخ، قطب شاخ ۽ فريد آباد مائينر ۾ واري اڏامي رهي آهي.

ھنن چيو ته هن وقت تائين هو ساريالي فصل لاءِ  ٻيجارو به نه پوکي سگھيا آھن، پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير جي دادو ڪينال مان نڪرندڙ واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي،ٻي صورت ۾ سخت احتجاج  ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*