پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چوٿين ڏينهن  به  سنڌ  ۾  چونڊ مهم  جاري آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چوٿين ڏينهن  به  سنڌ  ۾  چونڊ مهم  جاري آهي، پ پ چيئرمين رات دير سان راڻيپور ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد سکر پهتو، جتي ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو.

 پ پ چيئرمين اڄ سکر کان پنو عاقل روانو ٿيندو، جڏهن ته گهوٽڪي، خان پور مهر، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو جو دورو ڪندو.

پ پ چيئرمين خانڳڙهه به ويندو،  جتي اڳوڻي صوبائي  وزير سردار محمد بخش مھر جي مانجھدي ۾ شرڪت ڪندو، بعد ۾ هو رحيم يارخان روانو ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*