مسلم ليگ ن جو صدر شهبازشريف اڄ پارٽي جي منشور جو اعلان ڪري رهيو آهي

مسلم ليگ ن جو صدر شهبازشريف اڄ پارٽي جي منشور جو اعلان ڪري رهيو آهي، ذريعن موجب، منشور ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ  ۽ انفرا اسٽرڪچر کي شامل ڪيو ويو آهي.

ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان مختلف سياسي پارٽين پاران سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن پاران سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.

مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف اڄ مسلم ليگ ن جو منشور  جو اعلان ڪندو.

ذريعن موجب، نواز ليگ جي منشور ۾ صحت، تعليم، روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سميت انفرا اسٽرڪچر  کي شامل ڪيو  ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*