سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ کي ورهائي 7 صوبا ٺاهڻ لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ کي ورهائي 7 صوبا ٺاهڻ لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته صوبا ٺاهڻ وارو ڪم پارليامينٽ جو آهي.

چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ کي ورهائي 7 صوبا ٺاهڻ لاءِ داخل درخواست  جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

عدالت رمارڪس ۾ درخواستگذار کان پڇيو ۾ آئين جو اهڙو آرٽيڪل ٻڌايو جنهن تحت نئون صوبو ٺاهي سگهجي.

عدالت درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*