سپريم ڪورٽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت سوڌو واڳيل ادارن کي آچر تائين هوم ورڪ پورو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت سوڌو واڳيل ادارن کي آچر تائين هوم ورڪ پورو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته خسارو پورو ڪرڻ لاءِ غير ضروري شين تي سيلز ٽيڪس لڳايو وڃي، سمورين شين تي بار وجهندو ته عوام جون پريشانيون وڌي وينديون.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي، پيٽروليم شين جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن. اگهن ۾ واڌ جو ڪو جواب ته پيش ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته پيٽروليم شين کي خريد ڪرڻ ۽ وڪري ڪرڻ جي اگهن ۾ فرق آهي، ڪٿي نه ڪٿي، ضرور ڪجهه ٿي رهيو آهي. ڪڏهن سيلز ٽيڪس وڌايو ويندو آهي ته ڪڏهن پيٽروليم شين تي ڪسٽسم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، انه جو ڪهڙو جواز آهي؟

چيف جسٽس حڪم ڏيندي چيو ته غيرجانبدار ماهرن کي عدالت ۾ سهڪار لاءِ گهرايو، قوم اڳ ئي پسجي رهي آهي، عوام تي  وڌيڪ بار نه وڌو وڃي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اگهن ۾ واڌ ڊالر جو اگهه وڌڻ آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن تي جسٽس عمربنديال چيو ته اهڙي طريقي سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ عملدارن جي ناڪامي آهي. جن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي. پيٽرول تي 30 رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڪراچي جي شهرين کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته اسان ڪراچي جي عوام کي خوشبري ڏيون ٿا، ڪراچي ۾ اسان 22 جولاءِ تي واٽر ٽريٽمنٽ پلانٽ جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، ڪجهه مهينن اندر ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳڻ وڏي ڪاميابي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*