دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلمان لاشاري قتل ڪيس ۾ ٻن درخواستن تي 30 مارچ تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلمان لاشاري ڪيس ۾ جوابدار ڌر پاران داخل ڪيل ٻن درخواستن تي 30 مارچ تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلمان لاشاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته جوابدار ڌر پاران ٻه درخواستون داخل ڪيو ويون، جنهن مان هڪ ۾ عدالت کي فرد جرم نئين سر لاڳو ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.

ٻي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پيش ڪيل چالان ۾ قتل بابت جيڪي تفصيل ڏنا ويا آهن، واقعي واري هنڌ تي اهڙي صورتحال ئي ناهي، تنهنڪري عدالت ذاتي طور تي ڄاڻايل هنڌ جو معائنو ڪري ته حقيقتون پڌريون ٿينديون.

عدالت ٻنهي درخواستن تي فيصلو محفوظ 30 مارچ تائين محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*