سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوڙيل ڪميٽي کي 15 ڏينهن ۾ معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوڙيل ڪميٽي کي 15 ڏينهن ۾ معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته کدڙن فقيرن جي سڃاڻپ ڪارڊ ز جو مسئلو 15 ڏينهن ۾ حل ٿيڻ گهرجي، اميد هئي ته اڄ سمورا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿي چڪا هوندا، نادران چيئرمين چيو ته 90 سيڪڙو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿي چڪا آهن، موبائل رجسٽريشن يونٽس کي فعال ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇا ڪئي ته ڇا کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي نادرا چيئرمين چيو ته هن وقت تائين 90 سيڪڙو سڃاڻپ ڪارڊز جاري ٿي چڪا آهن، موبائل رجسٽريشن يونٽس به فعال ٿي چڪا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪور ٽجو حڪم رڳو پنجاب جي حد تائين نه هو. جنهن تي نادرا عملدارن چيو ته چئني صوبن جي نمائندن جي گڏجاڻي هلندڙ مهيني ٿيندي.

چيف جسٽس چيو ته جسٽس (ر) عارف کي ڪميٽي جو سربراهه بڻايو،

 چيف جسٽس چيو ته کدڙن فقيرن لاءِ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ منع ڪيو هو، جنهن تي نادرا چيئرمين چيو ته ميڊيڪل سرٽفڪيٽ وٺڻ نادرا پاليسي ۾ شامل نه آهي.

ٻڌڻي دوران الماس بوبي چيو ته اسان کي ڪنهن به گڏجاڻي ۾ نه ٿو گهرايو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته انساني حقن جي بنياد تي معاملي کي ڏسي رهيا آهيون، اوهان وچ ۾ به سياست ٿي رهي آهي.

عدالت کدڙن فقيرن جي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*